04/07/2026
ميرپورخاص ،
ڪنڊياري واسي 20 ورهين جي پارو ڌي ڌراشي ذات ڪولهي ڪڇي پنهنجي پسند موجب سنڌڙي تعلقي جي ڳوٺ محمد خان جوڻيجو واسي 42 ورهين جي شير محمد پٽ جمال پنھور سان پيار جو پرڻون ڪري ڇڏيو.جوڙي پير ايواب جان سرهندي وٽ پهچي اسلام قبول ڪري شريعت محمدي مطابق عدالت مان فرويل وٺي نڪاح ڪيو پريمي جوڙي صحافين آڏو موقف پيش ڪندي چيو ته اسين هڪ ٻئي سان محبت ڪندا هئاسين ۽ پنهنجي مرضي سان شريعت مطابق شادي ڪئي آهي، جيڪا شرعي ۽ قانوني طور صحيح آهي
جوڙي الزام لڳايو ته ڇوڪري جا مائٽ شادي تي ناراض آهن ۽ هاڻ ڪوڙو اغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن کي ڪوڙو سمجهيو وڃي پريمي جوڙي ضلعي انتظاميه، پوليس ۽ وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته سندن جانين کي خطرو آهي، ان لاءِ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.